زرداري سائينداد خان

زرداري سائينداد خان

زرداري سائينداد خان

زرداري، سائينداد خان: رئيس سائينداد خان زرداري 1923ع ڌاري ضلعي نوابشاهه ۾ علي بخش خان زرداريءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان ورتي. پوءِ زمينداريءَ ۾ مشغول ٿي ويو. صدر محمد ايوب جڏهن جمهوريت جو نظام'>بنيادي جمهوريت جو نظام رائج ڪيو ته سائينداد زرداري بي. ڊي جو ميمبر منتخب ٿيو ۽ 1965ع کان 1970ع تائين يونين ڪائونسل جمال شاهه جو چيئرمئن رهيو. هن پنهنجي ڳوٺ محمد لائق زرداريءَ
۾ هڪ اسڪول تعمير ڪرايو. ڳوٺ ۾ سائينداد خان جي اوطاق 24 ئي ڪلاڪ کليل رهندي هئي، سادي طبيعت، ملڻهار، سٻاجھو ۽ سخي مرد هو. ننڍي وڏي، امير توڙي غريب سان هڪ جهڙو نوڙت ۽ نياز رکندڙ هڪ مثالي ماڻهو هو. هن 1999ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو